اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ خاص طور تي آن لائن تعليم، شاگر??ن کي ديني تعليم ۽ سائنسي علم طرف راغب ??رڻ ۽ جديد تعليم جي حوالي سان بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان شاگر??ن کي سيرت النبي صه ۽ پاڻ صه جي حيات طيبه جي روشن رخن، صحابه ڪرام رضه ۽ اسلامي تاريخ جي روشن باب کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.