اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير ۾ ڪيل ڀ??رت سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪي آهي، ڀ??رت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خ??ي جي امن امان کي خ??ري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، نئون سياسي نقشو پوري پاڪستاني قوم جي امنگن جي ترجماني ڪري ٿو، پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏيهي وز??رت ۾ ميڊيا ايڪرز کي بريفنگ ڏيندي چئي. پرڏيهي وزير صحافين/ اينڪرز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي قابض فو?? جي ظلمن ۽ خطي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀ??رت جي هندوتوا پاليسين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي هر عالمي فو??م تي بي نقاب ڪيو. ڀ??رت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خ??ي جي امن امان کي خ??ري ۾وجهي ڇڏيو آهي. ڀ??رت والاريل ڪشمير جي آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو عالمي قانونن جي منافي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان جي نئين سياسي نقشي جي منظوري هڪ تمام وڏو قدم آهي.