مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، مودي ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جو تڪبر وارو فيصلو ڪري بري طرح ڦاسي چڪو آهي، سندس اهو قدم ڪشمير جي آزادي تي ختم ٿيندو، عالمي ميڊيا ۽ اولهه سميت سڄي دنيا هاڻي ڪشمير تي ڳالهه ڪري ٿي، ڪشمير جي مسئلي کي 5 آگسٽ کانپوءِ جهڙي طرح آثاريو هو ڌرڻي ۽ ڪوويڊ 19 جي ڪري 6 مهينن کان اهو مسئلو پٺتي هليو وي??، هاڻي ان کي ٻيهر ڀرپور انداز ۾ اٿارڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، سيد علي گيلاني کي ان جي ثابت قدمي تي 14 آگسٽ تي نشان پا??ست??ن ڏنو ويندو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون تمام وڏي دلچسپي سان ڳالهه ٻڌي، پا??ست??ن ۾ جيڪو پوٽينشل آهي دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي هجي، ان جو پاڻ پا??ست??نين کي اندازو نه آهي، اسان کي ان جي خب?? آهي اهو ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ دنيا پا??ست??ن جو مثال ڏيندي هئي، ان بابت چيو ويندو هو ??ه ايشيا جو ڪيليفورنيا بڻجڻ وڃي رهيو آهي، پوءِ بدقسمتي ٿي جو پا??ست??ن پٺتي هليو ويو. هن چيو ته اها دنيا جي تاريخ آهي ته جي??و به پنهنجي منزل تان هٽي وڃي اهو پٺتي هلي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ڳالهين مان مون کي مايوسي محسوس ٿي، ان جي ڳالهين مان لڳو ته هو ??ندر کان هاريل آهي جڏهن ته منهنجي سوچ ان کان مختلف آهي، ڪشميرين کي الله پاڪ اهڙي دور مان گذاري رهيو آهي جو هاڻي ڪشميري آزاد ٿيندا، 5 آگسٽ 2019ع جو مودي جو قدم تمام وڏي غلطي آهي، مودي جي 5 آگسٽ جي فيصلي جي پٺيان ڪيترا ئي سبب آهن، هو پا??ست??ن جي خلاف نفرت پکيڙي رهيو هو، پلواما جي واقعي کي اڇالي پا??ست??ن کي سبق سيکارڻ جي ڳالهه ڪئي، ڪشمير جي خاص حيثيت جو خاتمو مودي جي منشور ۾ شامل هو، چونڊن ۾ ملندڙ وڏي اڪثريت جي ڪري مودي 5 آگسٽ جو قدم کنيو، ان جي ان قدم کي هندو ڪميونٽي ۾ پذيرائي به ملي، مودي کي اميد هئي ته ان قدم تي پا??ست??ن خاموش رهندو ڇو ته اسان انهن کي چيو هو ??ه جيڪڏهن هو هڪ قدم اڳتي وڌائيندا ته اسان ٻه قدم اڳتي وڌائينداسين، ٻنهي ملڪن جي خوشحالي جي لاءِ ڪشمير جو مسئلو ڳالهه ٻولهه سان حل ڪرڻ جي اسان ڳالهه ڪئي، ڪشمير ۾ ظلم اڳ ۾ ئي هو، اتي پيلٽ گنز جو استعمال ٿي رهيو هو ??ڏهن ته موثر آواز نه اٿارڻ جي ڪري دنيا ان کان آگاهه نه هئي، 5 آگسٽ جو ڀارتي قدم تڪبر وارو هو، هو ??مجهندو هو ??ه ڀارت وڏي مارڪيٽ آهي ان لاءِ دنيا خاموش ويهي رهندي، اولهه چين جي مقابلي ۾ ڀارت کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت جي اها سوچ به هئي ته 8 لک هٿياربند فوج جي ظلمن ڪشميري قيادت جي نظربندي ۽ نوجوانن کي گم ڪري ڪشمير ۾ دهشت پکڙجي ويندي ۽ هو ??ساني سان اتان جي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏيندو، آر ايس ايس جي ماڻهن کي هتي آباد ڪنداسين ته ڪشميري هٿ کڻي ڇڏيندا جڏهن ته ڀارت اسٽريٽجڪ غلطي ڪئي آهي.