اسل??م آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جو ويزن ميرٽ ۽ شفافيت تي ٻڌل ڪرپشن فري پاڪستان آهي، موجوده حڪومت ان ڏس ۾ گذريل 2 سالن دوران بنا ڪنهن فرق جي احتساب جي عمل ۾ ت??زي آڻڻ ۽ اداراجاتي سطح تي بدعنواني، اقرباپروري جي خاتمي لاءِ ڪيترائي سڌارا آندا آهن، پهريون ڀيرو شگر مافيا جي خ??اف جاچ رپورٽ منظرعام تي آندي وئي، وڏين اهم شخصتين جي خ??اف احتساب جو گهيراءُ سوڙهو ڪيو ويو، احتساب جي سمورن ادارن کي آزاداڻي ماحول ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو جنهن جي ڪري نه رڳو عوام جي شڪايتن جو ??زا??و ٿيو پر عالمي سطح تي پڻ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ٿيو، موجوده حڪومت فيٽف جي هدايتن جي ڏس ۾ مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ ٺوس قانونسازي ڪئي، شگر ڪميشن جي انڪوائري رپورٽ کي منظرعام تي آڻي ذميوارن جو تعين ڪيو ويو ۽ نيب ۽ ا??ف آءِ اي سميت مختلف ادارن کي ڪارروائي جي لاءِ اها رپورٽ موڪلي وئي. ڪڻڪ ۽ اٽي اسڪينڊل جي بنياد تي پڻ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب بدعنواني ۾ ملوث پنجاب جي خوراڪ کاتي جي 25 ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرز سميت 155 ملازمن جي خ??اف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي اسڪينڊل ۾ ملوث ملز مالڪن کان 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ وصول ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب 148 فلور ملز سبسڊي وٺي ان جا ثمر عوام ڏانهن منتقل نه ڪيا. انهن فلورز اٽو ٺاهڻ بدران وڌيڪ قيمت تي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪئي.