اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪر?? ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪورونا جا 670 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ملڪ ۾ 6 ماڻهو ڪورونا جي ڪر?? فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان 24 هزار 22 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 774، پنجاب ۾ 8 هزار 124، خيبر??خت??نخوا ۾ هڪ هزار 876، اسلام آباد ۾ 2 هزار 873، بلوچستان ۾ 978، گلگت بلتستان ۾ 223، آزاد ڪشمير ۾ 165 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 66 هزار 301 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽر?? تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽيليٽر?? تي 141 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دو??ان ڪوورنا جا ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 16 هزار 248 آهي، هيستائين ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 88 هزار 717 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 181، بلوچستان ۾ 12 هزار 224، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 486، اسلام آباد ۾ 15 هزار 378، خيبر??خت??نخوا ۾ 35 هزار 153، پنجاب ۾ 95 هزار 391 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 25 هزار 904 مريض آهن.