اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ ڪراچي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شديد برساتن سان ??ڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ڪراچي جي عوام جي ??شڪلاتن کان حڪومت مڪمل آگاهه آهي، ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جي ??ستقل حل لاءِ جلد منصوبي جو اعلان ڪنداسين. سماجي رابطي جي ??يب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ??وئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي ??اڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ گورنر سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ٻو?? واري پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي فوري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، متاثرين کي کاڌو، ڇت ۽ طبي سهولتن جي ??راهمي جو به حڪم ڏنو آهي.