اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن ۾ داخل فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اسڪروٽني ڪميٽي جي بار بار پڇڻ جي باوجود مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) فرار اختيار ڪيل آه??، نيب ۽ اليڪشن ڪميشن آڏو مظاهرو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ فارن فنڊنگ ??ا دستاويز اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪري پنهنجا چونڊ نشان ۽ حاصل ڪيل فارن فنڊز ضبط ٿيڻ کان بچائين، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جيڪا کڏ پي ٽي آءِ لاءِ کوٽي هئي ان ۾ پاڻ ئي ڪري پئي آه??. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري پارلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.