اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿ??رٽ?? غير م??ڪي سيڙپڪارن، م??ڪي ڪمپنين ۽ تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندي ته جيئن اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان پاڪستان ۾ صنعتي انقلاب جو سبب بڻجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿ??رٽ?? جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان اٿ??رٽ?? سان پاڪستان ۾ قومي انوويشن سسٽم جي فروغ ۾ مدد ملندي، ان اٿ??رٽ?? جو خصوصي اختيار ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جي قيام ۾ اهم قائداڻو ڪردار هوندو، اهي زونز پاڪستان جي هاءِ ٽيڪ برآمدات ۾ اضافو ۽ دنيا جي وڏي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي مرڪز کان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو سبب هوندا. وزيراعظم چيو ته انهن زونز جي ذريعي جام?? ڪوششون ۽ جامع قومي ترقي ۽ پاڪستان جي نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي استعمال ۾ مدد ملندي.