اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ??ه گلگت بلتستان کي سياحت جو مرڪز بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، سياحت جي ترقي سان علائقي جي عوام جو نه رڳو زندگي جو معيار بلند ٿيندو پر انهن کي روزگار جا وسيع موقعا پڻ ملندا. هو گلگت بلتستا?? جي وڏي وزير محمد خالد خورشيد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو اطلاعات وارو وزير فتح الله خان پڻ موجود هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گلگت بلتستان قدرتي حسن سان مالامال آهي، هي خطو سڄي دنيا جي سياح?? جي لاءِ هڪ حسين ۽ پرڪشش جڳهه آهي. گلگت بلتستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي اسا?? جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته گلگت بلتستا?? جي خوبصورتي ۽ علائقائي ثقافت اجاگر ڪرڻ ۾ پي ٽي وي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي ??هي. اطلاعات واري وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستا?? جي خوبصورت جاين تي فلم?? جي عڪسبندي نئين فلم پاليسي جو حصو بڻائي رهيا آهيون.