ترجمو: صنم جوڻيجو/ روپ ميگهواڙ
اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) ملڪ ۾ اداراجاتي سڌارن ۽ مختلف سرڪاري ادارن ۽ کاتن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي ذريعي انهن جي معاملن کي بهتر رخن تي قائم ڪرڻ وقت به وقت اقتدار ۾ ايندڙ لاڳاپيل حڪومتن تي لاڳو هڪ وڏي ذميواري هئي. جيتوڻيڪ ماضي جي حڪومتن پاران سرڪاري کاتن ۽ حڪومتي ملڪيتي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري جون وڏيون دعوائون ته ڪيون وينديون رهيون پر هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ پاڪستان ريلويز، قومي فضائي ڪمپني (پي آءِ اي) ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جهڙن وڏن سرڪاري ادارن سان گڏوگڏ ٻين ننڍن ادارن جي نظم ۽ ضبط ۾ مسلسل ما??ياتي عدم موزونيت واضح طور تي ڏٺي وئي.
وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت سرڪاري ادارن ۾ سڌارن تحت انهن کي ما??ي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري جو ٻيڙو کنيو آه??، ان سلسلي ۾ ناليواري اقتصادي ما??ر ۽ ناليواري سڌارا پسند ڊاڪٽر عشرت حسين کي ان ڪم جي لاءِ وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.
سڌارن جي ضرورت، اهميت ۽ عملدرآمد جي صورتحال تي روشني وجهندي ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته اهو هڪ مشڪل ڪم آه?? جيڪو هن ڀيري مرحليوار انداز ۾ سرانجام ڏنو پيو وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته قوم جي نئين سر تعمير ۾ سرڪاري ادارن جي مددگار ڪردار کي نظر ۾ رکندي انهن ادارن کي صحيح رخ تي آڻي گهربل نتيجا حاصل ڪيا ويندا. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته سڌارن جي عمل کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آه??، پهرين مرحلي ۾ وفاقي ادارن ۾ هڪ ئي قسم جي ڪم ڪندڙ ادارن کي پاڻ ۾ ضم ڪري انهن جو انگ گهٽ ڪيو ويو آه??. ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته بنا ڪنهن مستقبل جي منصوبابندي جي ڪري سرڪاري ادارن جو انگ 441 تائين وڌي چڪو هو، اسان انهن ما?? ڪجهه ادارن کي ختم ڪرڻ، بند ڪرڻ يا نجڪاري جي ذريعي انهن جي انگ کي 342 تائين گهٽ ڪيو آه??.
ٻئي مرحلي بابت ڊاڪٽر عشرت حسين ٻڌايو ته پي آءِ اي، پاڪستان ريلويز، پاڪستان اسٽيل ملز ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي بحالي، نئين سر تعمير ۽ نئين سر جوڙجڪ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسان انهن ادارن کي حڪومت جي ماتحت يا پاڪستان اسٽيل ملز وانگر پبلڪ پرائيويٽ ح??يد??ري تحت منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جا خواهشمند آه??ون.
ڊاڪٽر عشرت حسين وڌيڪ چيو ته سو?? سروسز جي سڌارن جو عمل اداراجاتي سڌارن جو ٽيون اهم قدم آه??. هن چيو ته وڏن سڌارن کي حتمي شڪل ڏني وئي آه?? ۽ ڪجهه تي ته عملدرآمد به ڪيو ويو آه??. هن چيو ته منهنجي نظر ۾ ملڪ جي سو?? سروس?? ۾ ??ارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ ۽ ترقي جي پاليسي، سو?? سروسز جون بنيادي ڪمزوريون آه??، ڇاڪاڻ جو اڳ کان موجود پاليسي سان اسان سٺي ۽ خراب ڪارڪردگي رکندڙ سو?? سرونٽس ۾ فرق نه ڪري سگهندا هئاسين. هن چيو ته ملازمن جي سالياني ڪانفيڊنشل رپورٽ (اي سي آر) تي دارومدار ڪرڻ بدران ملازمن جي ڪارڪردگي جانچڻ لاءِ ڪارڪردگي جا اهم جز متعارف ڪرايا ويا آه??، هاڻي رڳو سينيارٽي جي بيناد تي ترقي نه ٿيندي پر ڪارڪردگي، ٽريننگ ۽ اهليت جي بنياد تي ترقي ڏني ويندي. ڊاڪٽر عشرت حسين ٻڌايو ته جڏهن پروموشن رولز لاڳو ڪيا ويا ته ڪنهن ان کي عدالت ۾ چئلينج به ڪيو هو پر فيصلو ڏنو ويو ته رولز ميرٽ تي ٺاهيا ويا آه?? ۽ انهن ۾ ڪجهه غلط نه آه??.
هن چيو ته سو?? سروس ريفارمز تحت وفاقي حڪومت جون جايون 6 لک 40 هزار ما?? 5 لک 70 هزار تائين گهٽ ڪيون پيون وڃن ۽ ان حوالي سان گريڊ هڪ کان 16 جي 70 هزار جاين کي ختم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهڙي طرح ڪئي ويندڙ بچت سان سو?? سرونٽس جون پگهارون وڌايون وينديون.
اهڙي طرح سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) جي سڌارن تي به غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سڌارن جي لاءِ پئڪيج کي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ پروفيشنلز جي ترقي جا موقعا وڌندا. اسان نيشنل ايگزيڪيوٽو سروس کي عام ملازمن ۽ ما??رن جي درجابندي جي تجويز ڏئي رهيا آه??ون. هن چيو ته سي ايس ايس جي امتحانن جي طريقيڪار جي نئين سر جوڙجڪ تحت اميدوارن کان پڇڻ گهرجي ته اهي پنهنجي دلچسپي جي مضمونن جا امتحان ڏئي پنهنجي مرضي جي سروس ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته قومي سطح جي مقابلي جي امتحان ۾ شرڪت کان اڳ اميدوارن کي پنهنجي دلچسپي جي شعبي جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
سڌارن جي چوٿين مرحلي بابت ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته آفيس جي طريقيڪار کي پراڻي فائيل سسٽم بدران اليڪٽرانڪ آفيس ورڪ (اي آفيس) ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، سمورو مواد ويب سائيٽ تي موجود هوندو ۽ ڪيترن ئي ڪيسز ۾ عوام کي آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا. هن چيو ته اداراجاتي سڌارن جي چئني مرحلن تي عملدرآمد مختلف مرحلن ۾ آه?? ۽ اهو عمل ايندڙ ڏينهن ۾ تيز ڪيو ويندو. اسان فيصلا ڪري رهيا آه??ون ۽ گڏوگڏ عملدرآمد به ڪري رهيا آه??ون. هن چيو ته جولاءِ 2019ع ۾ وفاقي حڪومت ادارن جي نئين سر تنظيمس ازي جي منظوري ڏني هئي ۽ هڪ عملدرآمد ڪميٽي فيصلا لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهي آه??.
پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري اداراجاتي سڌارن جي حوالي سان چيو ته اداراجاتي سڌارا رڳو قانون ۽ پاليسين ۾ ترميم ئي نه پر اهو روياجاتي انتظام به آه??. هن چيو ته سڌارن کي ڪامياب بڻائڻ تمام اهم آه??، اسان کي صرف قانون ۾ سادي تبديلي نه پر ڏهاڪا پراڻي ذهنيت کي به تبديل ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آه?? جتي پاليسيز ۽ رولز جي ڪا کوٽ نه آه??، پر ان جي لاڳو ۽ عملدرآمد جي کوٽ آه??. هن چيو ته اسان کي بدلجندڙ عالمي رجحانن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ڪم ڪرڻ جي جديد ۽ مرڪوز طريقيڪار طرف وڌڻو پوندو. وزيراعظم جي اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين پاران سڌارن جي عمل کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهندي ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري چيو ته هڪ ئي ڀيرو سڌارن کي متعارف ڪرائڻ بدران وزيراعظم جو صلاحڪار مرحليوار سڌارن کي متعارف ڪرائي رهيو آه??. هن چيو ته سڌارن جو مرحليوار لاڳو هڪ خوش آئنده ڳالهه آه??. هن چيو ته اداراجاتي سڌارن تحت غيرفعال سرڪاري ادارن کي ضم يا ختم ڪري ادارن جو انگ اٽڪل ساڍا چار سئو کان گهٽ ڪري ساڍا ٽي سئو تائين ڪيو ويو آه??. مختلف ادارن کان هڪ ئي ڪم ڪرڻ جي نظام کي بدلائڻ جي ضرورت آه??. اهڙي طرح سو?? سروسز ريفارمز جي حوالي سان ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري چيو ته ان سلسلي ۾ به مرحليوار سڌارن جو عمل جاري آه?? جيڪو هڪ سٺو عمل آه??. هن چيو ته سڌارن جو عمل آهستي آهستي ۽ ان تي مڪمل عملدرآمد جو گهرجائو آه??. هن چيو ته سڌارن جو مطلب روين ۽ انتطامي طريقڪار ۾ تبديلي آڻڻ آه?? ۽ ان سلسلي ۾ سڌارن کان خوفزده گروپن جي راءِ حاصل ڪرڻ به ضروري آه??. ڇاڪاڻ جو ٻي صورت ۾ سڌارن جو گهربل نتيجو حاصل نٿو ڪري سگهجي.