اسلام آباد – 11 اپ??يل (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس لنگرخانن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيندي پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران ??ر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن اها خاطري سيلاني ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪرائي جنهن اسلام آباد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، سيلاني ٽرسٽ جي وفد ۾ بشير فاروق، افضل چمڊيا، منظر عالم، فرخ امين، عرفان ??احد، سلمان اقبال، امتياز حسين ۽ ي??سف لاکاڻي شامل هئا، ان ??وقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر فرخ حبيب پڻ موجود هو. سيلاني ٽرسٽ وزيراعظم جي احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ان ??روگرام جي دائري کي سگهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي. وزيراعظم احساس لنگرخانن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان ??روگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران ??ر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.