اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن کي صحت ڪارڊ پروگرام جي حوالي سان خصوصي يونٽس جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪو ان پ??وگرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکي ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي فوري طور تي حل ڪري، اطلاعات واري وزارت جي مدد سان پ??وگرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ کان وڌ عوام کي ان پ??وگرام ۽ ان جي افاديت کان آگاهي حاصل ٿئي ته جئين هو ان مان فائدو کڻي سگهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ صحت جي شعبي ۾ حڪومت جي تاريخي قدمن ”صحت سهولت ڪارڊ“ جي ذريعي عوام کي صحت جي معياري سهولتن جي ف??اه??ي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ صحت بابت خاص م??دگ??ر ڊاڪٽر فيصل سلطان، خاص م??دگ??ر ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسين راشد، خيبرپختونخوا جو صحت وارو وزير تيمور سليم جهگڙا، صحت بابت وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي ۾ صحت ڪارڊ جي ف??اه??ي، فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جا انگ اکر ۽ هن وقت تائين ان پ??وگرام تي ٿ??ند?? خرچن ۽ ان جي نتيجي ۾ عوام کي پهچندڙ رليف تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ صحت ڪارڊ پروگرام جي ذريعي مختلف سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ ٻه لک 10 هزار 2 سئو ايڊميشنز جي ذريعي لکين ماڻهو مستفيد ٿي چڪا آهن، جنهن تي هن وقت تائين 5.3 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي 26 مختلف بيمارين جي ڏس ۾ عوام کي معياري سهولت جي ف??اه??ي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ان ۾ دل سميت اهڙا مرض به شامل آهن جنهن جو علاج وڏو مهانگو ۽ غريب خاندانن جي مالي وسيلن کان ٻاهر هوندو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ هن وقت تائين 85 لک خاندانن کي صحت ڪارڊ جي سهولت ف??اه?? ڪئي وئي آهي، وزيراعظم صحت سهولت ڪارڊ جي ذريعي عوام کي ميسر ا??ند?? رليف تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته صحت جي معياري سهولتن جي ف??اه??ي جو موجوده پروگرام ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ تاريخي پروگرام آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو موجوده حڪومت صحت جي حوالي سان ڪمزور طبقن جو احساس ڪندي اهڙو جامع پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن جي ڪري نه رڳو سرڪاري پر پرائيويٽ اسپتالن مان به ڪمزور طبقي کي صحت جو معياري سهولتون ميسر اچي رهيون آهن، وزيراعظم چيو ته صحت سهولت ڪارڊ سان هيلٿ سيڪٽر ۾ هڪ نئون نظام جوڙيو پيو وڇي، موجوده پروگرام سان پ??ائيويٽ سيڪٽر جي اسپتالن کي فروغ حاصل ٿيندو ۽ کين ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائن ۾ پنهنجون خدمتن جي ف??اه??ي ۾ مدد ملندي، وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ اسٽيٽ لائيف کي هدايت ڪئي ته صحت ڪارڊ پروگرام جي حوالي سان خصوصي يونٽس جوڙيا وڃن جيڪي ان پ??وگرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکن ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اطلاعات واري وزارت جي مدد سان پ??وگرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ کان وڌ عوام کي ان پ??وگرام ۽ ان جي افاديت کان آگاهي حاصل ٿي ۽ هو ان مان فائدو کڻي سگهي.