اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي ??عاشي صورتحال خاص طور تي قبائلي ضلعن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن جو استحصال برداشت نه ٿو ڪري سگ??جي، انهن جي مفادن جي لاءِ سمورا قدم ??ني?? ويندا. هن هدايت ڪئي ته تمباڪو جي آبادگارن کان تمباڪو جي خر??دا??ي ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته فصلن جي وقت سر خر??دا??ي نه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. اسپيڪر حڪومت جي قبائلي عوام ۽ غريبن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي قدمن کي ساراهيو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته اڳوڻي فاٽا جي سمورن ضلعن جي ترقي ۽ اتان جي عوام جون محروميون ختم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قبائلي ضلعن ۾ معاشي سرگرميون شروع ٿيڻ سان روزگار ملندو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگ??ام سان قبائلي نوجوانن کي روزگار ڏينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي فاٽا جو ترقياتي پئڪيج چونڊيل قبائلي قيادت ۽ عوام جي مشاورت سان اڳتي وڌايو ويندو، ڪامياب جوان پروگ??ام ذريعي قبائلي ضلعن جي نوجوانن کي قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجو روزگار شروع ڪري سگ??ن ۽ معاشي لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيهي سگ??ن. اسپيڪر چيو ته نئين ضلعن ۾ صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪرڻ قبائلي عوام جي لاءِ حڪومت جو تمام وڏو تحفو آهي.