اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين گجڪ، بلوچستان ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور ن?? ٿيون ڪري سگهن، قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه وينديون. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي واقعي ۾ ڪيپٽن ڪاشف جي شهادت جي خبر افسوسن??ڪ آهي، الله تعاليٰ ڪ??پٽن ڪاشف جا درجا بلند فرمائي ۽ زخمي اهلڪارن کي جلد صحتيابي عطا فرمائي.