اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين سان ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) جي سربراهه سٽيون بٽلر سومر ڏينهن رابطو ڪري افغانستان مان عا??مي صحافين کي نڪرڻ ۾ سهولت فر??هم ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ آزاد ص??اف??، صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي تحفظ جو حامي آهي. هن چيو ته پاڪستان صحافين جي حقن جي حوالي سان پنهنجي عا??مي ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهي. افغانستان ۾ عا??مي ميڊيا جي ميمبرن کي نڪرڻ ۾ سهولت فر??هم ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو آهي. سٽيون بٽلر چيو ته پاڪستان مشڪل و??ت ۾ عا??مي صحافين جي نڪرڻ ۾ ذميداراڻو ڪردارا دا ڪيو جيڪو واکاڻ جوڳو آهي.