اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورون?? وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورون?? وائرس سبب 66 فوتگيون ٿيون جنهن مان 21 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پا??ان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 974 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 48 ??يڪ??و، پشاور ۾ 40 ??يڪ??و، ملتان 45 ??يڪ??و ۽ اسلام آباد ۾ 50 ??يڪ??و مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 73، ڪراچي ۾ 55 ??يڪ??و، گجرانوالا ۾ 56 ??يڪ??و ۽ سوات ۾ 60 ??يڪ??و مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 460 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 822، پنجاب ۾ 20 هزار 766، خيبرپختونخواهه ?? 10 ??زار 84، اسلام آباد ۾ 5 هزار 300، بلوچستان ۾ 1685، گلگت بلتستان ۾ 724، آزاد ڪشمير ۾ 1079 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 96 هزار 426 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 491 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 88 هزار 209 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورون?? وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 11 لک 9 هزار 274 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 29 هزار 790، بلوچستان ۾ 31 هزار 686، گلگت بلتستان ۾ 9 هزار 482، اسلام آباد ۾ 94 هزار 714، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 53 هزار 836، پنجاب ۾ 3 لک 74 هزار 916 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 14 هزار 850 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 24 هزار 639 ٿي چڪو آهي،