اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري محسن پاڪستان ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪ??ر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪ??ر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي ڪڏهن به پورو نه ٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائ??ند?? قومي هيرو جي لاڏاڻي تي پوري قوم ??وڳ??ار آهي. هن چيو ته ڊاڪ??ر عبدالقدير خان کي قوم سدائين قومي هيرو طور ياد رکندي. ڊاڪ??ر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي پيغامن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قوم ڊاڪ??ر عبدالقدير خان جي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ احسانن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هنن چيو ته پاڪستان کي دنيا جو ستون ۽ اسلامي دنيا جو پهريون ائٽمي ملڪ بڻائڻ ۾ ڊاڪ??ر عبدالقدير خان جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، قوم محسن پاڪستان ڊاڪ??ر عبدالقدير خان جي احسانن جي سدائين مقروض رهندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته ڊاڪ??ر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هنن چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ??وڳ??ار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوري قوم سميت ??وڳ??ار خاندان کي ان عظيم صدمي کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي.