??سل??م آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان نسل کي ??سل??مي تاريخ جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد ميڊيا جي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻو پون??و ۽ روايتي موضوعن کان هٽي ڪري تاريخي ڪهاڻين تي ٻڌل ڊراما ۽ فلمون ٺاهڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن فلمسار شهزاد نواز، ترڪ پروڊيوسر ايمري ڪونڪ، سيد جنيد علي شاهه ۽ ڊاڪٽر ڪاشف سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين ايوبي تاريخ جو اهڙو ڪردار آهي جنهن جي اولهه ۾ به مثال ڏيندا آهن، هن بيت المقدس جي تاريخي فتح کانپوءِ عام معافي جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين ايوبي جي زندگي تي سيريز نوجوانن کي ان تاريخي ڪردار بابت آگاهي ڏيندي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گڏيل منصوبي صلاح الدين سيريز تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. سيريز تي منصوبابندي مڪمل آهي جڏهن ته ان جي شوٽنگ جو آغاز ايندڙ سا?? اپريل ۾ ڪيو ويندو.