اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ حضور اڪرم ﷺ جي س??رت ۽ زندگي مبارڪ تي روشني وڌي.
هن چيو ته اسا?? جي نبي حضرت محمد ﷺ عورتن ۽ ٻارڙين جا حق ادا ڪرڻ ۽ انه?? جي احترام جو عملي طور تي درس ڏنو ۽ هن معاشري ۾ باعزت ۽ باوقار مقام ڏنو. هن چيو ته اسان کي حضور ﷺ جي تعليمات کي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته عورت?? جي وراثتي حق?? جي حوالي سان الله تعاليٰ واضح حڪم ڏنا آهن، پاڪستان ۾ عورت?? جي حق?? جي تحفظ جا قانون موجود آهن. اسا?? جي ذميداري آهي ته انهن قانو?? جي عملدرآمد جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لا3 دعا گهري وئي.