ڪ??ئي??ا – 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته اسلامي فلاحي رياست پهرين ڏينهن کان ئي پي ٽي آءِ جي منشور جو حصو آه??، غريب ۽ پيڙهيل طبقي جي لاءِ شروع ڪيل احساس پروگرام تحت مستحق خاندانن کي في خاندان 12 هزار رپيا ورهايا ويا آه??، ان ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ 3 لک 38 هزار غريب خاندان به شامل آه??، عورتون کي معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻ?? پوندو ته جيئن اهي ملڪي ترقي جي عمل ۾ سڌوسنئون پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪ??ئي??ا ۾ احساس ڪفالت ڪيش ۽ احساس انڊر گريج??ئي?? اسڪالرشپ سرٽيفڪيٽس ورهائڻ جي ح??ال?? سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران وزيراعظم عمران خان معاشري جي ڪمزور طبقن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي ۽ ان فيصلي سان غريب ۽ مزدور طبقي کي مالي طور تي مشڪلاتن کان بچايو. هن چيو ته لاڪ ڊائون دوران احساس پروگرام تحت 12 ڪروڙ خاندانن ۾ 200 ارب رپيا ورهايا ويا. صدر چيو ته حڪومت جي مثبت قدمن جي ڪري ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آه?? ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آه?? ته پيڙهيل طبقن کي مٿي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته عورتن کي احساس ڪيش پروگرام تحت رقم جي ادائيگي بئنڪ اڪائونٽ ذريعي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته عورتن کي معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻ?? پوندو ته جيئن اهي ملڪي ترقي جي عمل ۾ سڌوسنئون پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ح??ال?? سان صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ترقي جو دارومدار آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ تي آه??. شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو مقصد تعليم ۾ برابري آڻڻ آه??، دنيا ??ءِ ٽي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، اسان کي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکي آءِ ٽي شعبي تي ڌيان ڏيڻ?? پوندو. هن يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرز تي زور ڏيندي چيو ته اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت سليبس کي جديد دور جي گهرجن ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب بڻائين ته جيئن اسان جا گريج??ئي??س به اڳتي وڌي آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري جو اهم حصو آه?? ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آه??، جنهنس ان خصوصي ماڻهو پنهنجي آمدني جو بندوبست ڪري سگهندا. صدر چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ذريعي عورتون به قرضن جي سهولت مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. تقريب کي بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ بي آءِ ايس پي بلوچستان جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالجبار پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ صدر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ احساس انڊر گريج??ئي?? اسڪالرشپ سرٽيفڪيٽس ۽ مستحق عورتن ۾ احساس ڪفالت پروگرام تحت روڪ رقم ورهائي.