اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شا??ه محمود ??ريشي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پ??ليسي جي ڪري اڄ پاڪستان عالمي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. اها ڳالهه هن پرڏيهي وزارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي عالمي سطح تي سرخرو ڪيو. پرڏيهي وزير او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي انتهائي گهٽ وقت ۾ بهترين ??نت??امن کي ساراهيندي پ??ڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بهترين سفارت جي لاءِ معاشي پ??ڻڀرائپ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين. شا??ه محمود ??ريشي چيو ته پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پ??ليسي جي ڪري اڄ پاڪستان عالمي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. مخدوم شا??ه محمود ??ريشي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون انتهائي قابل سول سرونٽس ۽ سفي??ن جي ٽيم جي سربراهي ڪري رهيو آهيان.