اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ق??مي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي پهرين ق??مي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي منظوري کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، ق??مي سلامتي پاليسي تي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ق??مي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي، دفاع، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن جي وفاقي ويرن ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، ق??مي سلامتي وارن صلاحڪارن ۽ سينئر ??ول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ملڪ جي پهرين ق??مي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي منظوري ڏني، وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو تحفظ شهرين جي تحفظ سان جڙيل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، وزيراعظم ملڪ جي پهرين ق??مي سلامتي پاليسي جي تياري ۽ منظوري کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته ق??مي سلامتي ڊ??يز?? ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن هدايت ڪئي ته پاليسي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن، هن ق??مي سلامتي جي صلاحڪار کي پاليسي تي عملدرآدمد لاءِ ماهوار رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ق??مي سلامتي مشير اجلاس کي پاليسي جي مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته ق??مي سلامتي پاليسي هڪ جامع ق??مي سيڪيورٽي فريم ورڪ تحت ملڪ جي شهرين جي تحفظ، سيڪيورٽي ۽ وقار يقيني بڻائيندي، شهرين جي تحفظ جي خاطر پاليسي جو محور معاشي سيڪيورٽي هوندو، معاشي تحفظ ئي شهرين جي تحفظ جو ضامن بڻجندو. هن ٻڌايو ته پاليسي سازي دوران سمورن وفاقي ادارن، صوبائي حڪومتن، ماهرن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، ق??مي سلامتي ڪميٽي کان منظوري کانپوءِ پاليسي وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪئي ويندي.