اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورت?? کي هنرمند بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جي بهتري لاءِ عورتن جي ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ??ني تربيت کي حاصل ڪرڻ نوجوانن خاص طور تي عورتن جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، حڪو??ت عورت?? کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ کين بئنڪن جي ذريعي قرض فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”خوشحال پاڪستان“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام ٽيڪينڪل ايجوڪ??شن اينڊ ووڪيشنل ٽري??نگ اٿارٽي (ٽيوٽا) فيس بڪ جي سهڪار سان ڪيو هو. صدر چيو ته عورت?? کي تعليم حاصل کانپوءِ عملي ميدان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ??ني تربيت حاصل ڪرڻ نوجوانن جي لاءِ گهڻي ضروري آهي، اهي ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪندا آهن جيڪي نون رجحان?? کي سڃاڻيندا آهن، 2030ع تائين دنيا کي سائبر سيڪيورٽي ۾ 4 ڪروڙ ماڻهن جي ضرورت هوندي، ??رچوئل يونيورسٽي گهٽ پئسن ۾ معياري تعليم فراهم ڪري رهي آهي. صدر فاصلاتي تعليم جي موقع?? کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان جي معيشت کي اڳتي وٺي وڃن ۾ عورتن جو نمايان ڪردار هجڻ گهرجي. قائداعظم محمد علي جناح چيو هو ته جنهن قوم ۾ عورت گڏ گڏ نه هلندي اها ترقي نٿي ڪري سگهي، ??ن چيو ته پاڪستا?? کي تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ گهرجن، نوجوانن خاص طور تي عورت?? کي هنرمند بڻائڻ ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. جيڪڏه?? کين هنرمند نه بڻايو ويو ته اهي معاشري تي بار بڻجي وينديون. هن تقريب جي انعقاد تي ٽيڪنيڪل ايجوڪ??شن اينڊ ووڪيشنل ٽري??نگ اٿارٽي (ٽيوٽا) ۽ فيس بڪ جي انتظاميه کي مبارڪباد پيش ڪئي. صدر چيو ته برطانيه ۾ 1904ع تائين عورت?? کي وراثت جو حق حاصل نه هو، اسلام 14سئو سال اڳ عورت?? کي وراثت ۾ حصيدار بڻايو ۽ کين انهن جا سمورا حق ڏنا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورت?? کي بااختيار بڻائڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، حڪو??ت عورت?? کي معاشي طور تي خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ قرضن جي مد ۾ جيتري رقم مختص ڪئي آهي اهي ان مان فائدو نه کڻي رهيون آهن، احساس پروگرام تحت هيٺين سطح تي به عورت?? کي روڪ رقم ڏني پئي وڃي. صدر چيو ته پاڪستان ماضي ۾ غير هنرمند افرادي قوت کي ٻاهرين ملڪ موڪليندو رهيو آهي، اسا?? کي هاني هنرمند ماڻه?? کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستا?? کي 9 لک نرسن جي ضرورت آهي، ??لڪ ۾ هن وقت صرف 2 لک نرسون دستياب آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستا?? کي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن ۾ موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي، سائبر سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي ماهرن جو تعداد يونيورسٽين جي مشاورت سان وڌائي سگهجي ٿي. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي شاگردن جي داخلائن جي تعداد 28 هزار کان وڌائي 55 هزار ڪري ڇڏي آهي، ??يس بڪ جي تعاون سان عورت?? کي تربيت يافته بڻائي سگهجي ٿو، ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ ٽيوٽا کان تربيت حاصل ڪري پنهنجي روزگار ڪمائيندڙ هنرمند عورتن ۾ سرٽيفڪيٽس به ورهايا. تقريب کي ٽيڪنيڪل ايجوڪ??شن اينڊ ووڪيشنل ٽري??نگ اٿارٽي (ٽيوٽا) جي چيئرمين علي سلمان صديق، فيس بڪ جي پبلڪ پاليسي جي مينيجر سحر طارق ۽ ٻين مقررن به خطاب ڪيو.