اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سميت مريءَ ۾ فوت ٿيندڙ اسلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ نويد اقبال جي ڀاءُ سان تعزيت جي اظهار لاءِ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران بيان موجب ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي گهري صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نويد اقبا??، سندس خاندان سميت معصوم ٻارن جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي سخت صدمو پهتو. ??در چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون مت??ثرين ۽ انهن جي پونئيرن سان گڏ آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.