اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، حڪومت عالمي سياحت ۽ ونٽر راندين جي ??روغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي ??ڏي وزير خالد خورشيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدم?? جي ڪري گذريل ٽن سالن ۾ مقامي سياحت کي فروغ مليو آهي. حڪومت گلگت بلتستان ۾ سياحن کي عالمي معيار جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين ۽ سياحت بابت خاص مددگار اعظم جميل به موجود هئا. ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي ??روغ لاءِ منصوبن ۽ گلگت بلتستان ويزن 2050ع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.