اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ا??ٽرنيشنل ل??بر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهوريه ڪوريا جي اميدوار ??ان?? ڪيونگ وا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته بهترين سفارتڪار اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ سياستدان هجڻ جي ناطي توهان جو تجربو متاثر ڪندڙ ۽ ايشيا پيسفڪ ريجن سان تعلق رکندڙ تجربيڪار عورت اميدوار جي طور تي توهان آئي ايل او جي قيادت لاءِ مضبوط اميدوار آهيو، شاهه محمود قريشي چيو ته جنيوا ۾ گذريل مهيني ٿيل عوامي ٻڌڻي ۾ توهان جو موقف ۽ ترجيحن جو اظهار واکاڻ جوڳو آهي، ڪورونا وائرس جي عالم گير وبا دنيا جي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته ملازم، مالڪ ۽ پور??يت ان وبائي مرض سان هڪجهڙا متاثر ٿيا، شاهه محمود قريشي چيو ته مناسب ترقياتي فنانسنگ ۽ ويڪسين ا??ڪويٽي، معاشي بحالي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي، پاڪستان آءِ ايل او گورننگ باڊي جي ميمبر طور تي ان ا??م عالمي ترجيحن لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. اسان اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايل او سان ترقياتي فنانسنگ، قرض کان ڇوٽڪارو، ويڪسين ا??ڪويٽي ۽ منصفاڻي عالمي مالياتي ڍانچي جي قيام، سماجي ۽ اقتصادي اڻبرابري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد رکون ٿا. انٽرنيشنل ل??بر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهوريه ڪوريا جي اميدوار ??ان?? ڪيونگ وا تعريفي جملن تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.