اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڪشش ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي منزل جي طور تي اڀري رهيو آهي، پاڪستان ملڪ جي ڪاروباري ماحول ۾ بهتري آڻڻ لاءِ مختلف سڌارا مت??ار?? ڪرايا آهن، غير ملڪي واپاري ملڪ جي سيڙپڪار طور ڪاروباري نظام مان فائدو کڻن، ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ب??ونائي داراسلام جي چونڊيل هاءِ ڪمشنر الجزائر ۽ يونان جي سفيرن ۽ موريطا??يه ۽ البانيا جي چونڊيل غير مقيم سفيرن سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيند ڪئي، جنهن ساڻس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، برونائي داراسلام جي چونڊيل هاءِ ڪمشنر پينگيران عبدالصمد بن پينگيران حاجي ميتاسان، الجزائز جي چونڊيل سفير ب??اهيم رونامي، يونان (هيلينڪ ريپبلڪ) جي ڪونسٽنٽينوس مواتس، موريطا??يه جي محمد والباه ۽ البا??يه جي نامزد سفير ڪسٽريوٽ روبو هڪ تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي کي پنهنجون سندون پيش ڪيون، صدر نئين چونڊيل سفيرن کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو ته پاڪستان سڀني دوس?? ملڪن سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هو دوس?? ملڪن سان گڏ معاشي واپاري ۽ ثقافتي تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته آساني ڪاروبار سان غير ملڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري جي ترغيب ملندي، پاڪستان معاشي ترقي لاءِ پنهنجي منفرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان سڀني دوس?? ملڪن سان واپاري ماپو خاص طور روانگي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي، صدر چيو ته دوس?? ملڪن سان گڏ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ تعاون لاءِ اداره جاتي فريم ورڪ جي ضرورت آهي، صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري ڀارت کي جوابده بڻائي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري، صدر غير ملڪي سفيرن کي افغانستان جي سنگين انساني صورتحال کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عالمي برادري افغانستان جي ماڻهن کي انسان جي تباهي کان بچائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪري.