اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جا ٿورائتا آهيون جن جي سازشن جي ڪري نه رڳو پارٽي پر عوام ۾ پاڪستان تحريڪ ان??اف جي لاءِ مقبوليت ۽ جوش ۽ جذبي جي نئين لهر پيدا ٿي، ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ پاڪستان تحريڪ ان??اف تي ع??امي اعتماد جو واضح ثبوت آهي. وز??راعظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ع??ديدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي و??ير علي زيدي، فواد چوڌري ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل پڻ شامل هئا. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته پاڪستان تحريڪ ان??اف قومي سطح تي ملڪ جي واحد گراس روٽ ليول جي پارٽي آهي، پئسن سان عوامي ميڙ نه ٿا ڀرجي سگهجن، جڏهن قوم ملڪ جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ نڪري ٿي ته عوامي ميڙ امر بالمعروف جهڙا هوندا آهن. وز??راعظم چيو ته توهان سڀني ۾ اهي چهرا نظر اچي رهيا آهن جن پارٽي ۾ ورڪر طور شموليت اختيار ڪئي ۽ اڄ ايوانن ۾ پنهنجي تڪن جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو، جڏهن حڪمرانن جي نيت صاف هجي ته ڀلي ڪيتري ئي وڏي ان??روني يا ٻاهرئين سازش هجي ناڪام ٿئي ٿي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وز??راعظم کي پاڪستان تحريڪ ان??اف جي سنڌ حقوق مارچ ۽ اسلام آباد ۾ عوامي ميڙ امر بالمعروف جي تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ان کانسواءِ وز??راعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي حڪومت جي ترقياتي منصوبن، ڪامياب پرڏيهي پاليسي ۽ ناموس رسالت ﷺ ۽ اسلامو فوبيا جي لاءِ وز??راعظم جي عالمي سطح تي ڪوششن ۽ گڏيل قومن ۾ قرارداد جي منظوري تي خراج تحسين پيش ڪيو. وز??راعظم چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي ع??ديدارن کي سنڌ ۾ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ خاص طور تي ضلعي سطح تي پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي.