اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وز??ر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، حلف برداري جي ايوان صدر ۾ منعقد ٿي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس هڪ سادي ۽ پُروقار تقريب ۾ حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وز??راعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سول ۽ فوجي عملدارن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سميت حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، سنڌ جي وڏي وز??ر ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪابينا ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي وفاقي وز??ر جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڪابينا جي جوڙجڪ جي پهرين مرحلي ۾ 19 اپريل تي 30 و??اقي وز??رن ۽ 3 مملڪتي وز??رن حلف کنيو هو، ٻي مرحلي ۾ 22 اپريل تي وفاقي ڪابينا ۾ واڌ ڪئي وئي هئي ۽ ڪابينا ۾ ٽي وفاقي وز??ر ۽ هڪ مملڪتي وز??ر کي شامل ڪيو ويو هو، ڪابينا ۾ پهرين ئي ٽن صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي.