اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پا??ست??ن جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، 28 مئي 1998ع تي بلوچستان، چاغي جي جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آهي، اهو پا??ست??ن جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ڪرڻ جو واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، اڄوڪو ڏينهن پا??ست??ن جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، اهو ئي اتحاد پا??ست??ن جي اصل قوت آهي، ان وچن کي ورجايون ٿا ته پا??ست??ن جي دفاع، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين. پا??ست??ن جي جوهري ڌماڪن جي سلور جوبلي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته 28 مئي 1998ع تي بلوچستان چاغي جي جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آهي. پا??ست??ن جي دفاع جو اهو تمغو بلوچستان جي ڌرتي جي سيني تي سجايل آهي، اهو پا??ست??ن جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ڪرڻ جي واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، پا??ست??ن جو فخر بلند ڪندڙ عظيم محب وطن وزيراعظم نواز شر??ف کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، قائد محمد نواز شريف هر لالچ، هر دٻاءُ رد ڪندي پا??ست??ن کي دنيا جي ستين ۽ اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي قوت بڻايو. ذوالفقار علي ڀٽو کان وزيراعظم نواز شريف تائين سڀني حڪومتن ۽ جوهري پروگرامن بابت سڀني ذميدارن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جا سياستدان، انجنيئر ۽ جوهري پروگرام کي پروان چاڙهيندڙ هر ماڻهو تحسين جي لائق آهي. اهي قوم جا هيروز آهن، اسان جي هٿياربند فوج جوهري پروگرام لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن اهي تاريخ جو سنهري باب آهن پا??ست??ن ايٽامڪ انرجي ڪميشن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ان قومي اداري قومي سلامتي ۽ دفاع لا??ِ ناقابل فراموش ڪردار ادا ڪيو آهي. اڄ اسان محسن پا??ست??ن ڊاڪٽر عبدالقدير سان کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جنهن پنهنجي سڄي عمر پا??ست??ن جي دفاع تي لُٽائي ڇڏي، اسان پنهنجي انهن سڀني محسنن کي نٿا وساري سگهون جن قوم جي مفاد لاءِ عظي?? قربانيون ڏنيون آهن. اسان سعودي عرب سميت سڀني پنهنجي ڀائر ۽ عظيم دوست ملڪن جو ٿوروا دا ڪريون ٿا جن معاشي پابندين ۾ پا??ست??ن جو ساٿ ڏنو، اڄوڪو ڏينهن پا??ست??ن جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، اهو اتحاد پا??ست??ن جي اصل قوت آهي، قوم جي اتحاد محنت ۽ يقين ڪامل سان هاڻي پا??ست??ن کي معاشي قوت بڻائڻو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان اڄ معاشي خودمختياري ۽ پاڻ ڀاڙڻ جي لاءِ يوم يڪبير واري جذبي کان اڳتي وڌڻو پوندو. اڄ تجديد جي ڏهاڙي جي عهد جو ڏينهن آهي ته پا??ست??ن جي دفاع، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. يوم تڪبير تي 10 ڏينهن واري تقريبن کي قوم جي اتحاد ۽ پا??ست??ن جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي جي عزم سان ملهايو ويندو.