سرينگر – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي سرينگر ۾ گهر ۾ مسلسل غيرقانوني نظربندي کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض فوجي ڀارتي انتظاميا مير واعظ کي نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ 4 آگسٽ 2019ع تي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر پاران جاري هڪ بيان ۾ مير واعظ عمر فاروق کي زبردستي نظربند ڪرڻ ج?? غيرقانوني ۽ جابراڻي قدمن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن سان ان جي سڀني بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ٿي آهي. بيا?? ۾ ??يو ويو آهي ته ??ئين لڳي ٿو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ کي ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ انهن جي پرامن ڪوششن جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بيا?? ۾ ??ارتي حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ??ها سڀني ڪشميري سياسي نظربندن کي آزاد ۽ ڪشمير جي تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪري.