سرينگر – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ??شم??ري اڄ 5 آگسٽ تي ??شم??ر استحصال ڏهاڙو ملهائي ??هيا آهن، جنهن جو مقصد مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران 2019ع ۾ ان ڏينهن کڻندڙ غيرقانوني قدمن جي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ??شم??ر ميڊيا سروس موجب مودي حڪومت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي ڪندي 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي ??صو??ي حيثيت ختم ڪري قبضي واري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪري ورتو هو. اڄ هي ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ مڪمل هڙتال جڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر، پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي گادي وارن شهرن ۾ عالمي برادري جو ڌيان والاريل ??شم??ر ۾ ڀارتي ظلمن ڇڪرائڻ جي لاءِ احتجاجي مظاهرا، ريليون، سيمينارز ۽ ٻيا پروگرام ڪرايا پيا وڃن. ٻئي ??رف ڪل جم??عت?? حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي گهر ۾ غيرقانوني نظربندي کي 3 سال مڪمل ٿي ويا آهن، قابض انتظاميا مودي حڪومت پاران ڀارتي ۽ غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي ??صو??ي حيثيت کي ختم ڪرائڻ کان هڪ ڏينهن 4 آگسٽ 2019ع تي ان کي گهر ۾ نظربند ڪ??ي ڇڏيو هو.