اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته عالمي اقتصادي بحران جي ڏس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ازبڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي سالياني اجلاس جي لاءِ روانو ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??يو ته شنگهائي تعاون تنظيم دنيا جي 40 س??ڪڙ?? آبادي جي خواهشن ۽ امنگن جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي. عالمي اقتصادي بحران جي گهرج آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل ”شنگهائي اسپرٽ“ جي عزم کي ورجائي ٿو. وزيراعظم ??يو ته شنگهائي تعاون تنظيم جيو پوليٽيڪل ۽ جيو اڪنامڪ جي شعبن ۾ ٿيندڙ پريش??ن ڪندڙ تبديلين جي دور ۾ اڳتي وڌڻ جو رستو متعين ڪري سگهي ٿي.