اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ رسپانس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (اين ايف آر سي سي) ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن، ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ٻوڏ سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران انفراسٽرڪچر کي ڪو نقصان ناهي پهتو جڏهن ته مجموعي طور تي 12 ??زا?? 718 ڪلوميٽر روڊن، 390 پلن کي نقصان پهتو، چئني صوبن ۾ 23 ضلعا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. اين ايف آر سي سي مطابق اڄ ملڪ جي اڪثر حصن ۾ موسم جزوي طور تي جهڙالي رهڻ جي توقع آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبرپختونخوا، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پسگردائي وارن جبلن ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڏکڻ ۽ اوڀر سنڌ، مٿانهين خيبرپختونخوا ۽ اوڀر پنجاب جي ٻين علائقن ۾ وچولي برسات پئي. گذريل ڏينهن وڌ کان وڌ گرمي پد تربت ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ، سبي 41 ۽ نوڪنڊي ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌ جي سڀني کان وڌيڪ متاثر ضلعن ۾ قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، خ??رپ??ر، دادو، نوشهرو فيروز، ٺٽو ۽ بدين جڏهن ته بلوچستان ۾ ڪوئٽا، نصير آبا، جعفرآباد، جهل مگسي، بولان، صحبت پور ۽ لسبيلا، ڪي پي ڪي ۾ دير، سوات، چارسده، ڪوهستان، ٽانڪ ۽ ڊي آءِ خان ۽ پنجاب ۾ ڊي جي خان ۽ راجن پور شامل آهن. مختلف علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ هن وقت تائين 526 آرمي ايوي ايشن ??يليڪاپٽر اڏامون هلايون ويون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 اڏامن ذريعي 34 ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو ويو ۽ 16.4 ٽن امدادي امدادي سامان ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو ويو. هن وقت تائين هيليڪاپٽر ذريعي 4604 ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ 147 ريليف ڪيمپون ۽ 284 ريليف ڪليڪشن ??وائنٽس قائم ڪيون ويون ??هن. هن وقت تائين 8498.8 ٽن عام واهپي جي شين سان گڏ 1462.2 ٽن غذائي شيون ۽ 78 لک 93 ??زا?? 30 دوائون ??مع ڪيون ويون ??هن جڏهن ته 8219 ٽن خوراڪ، 1419.4 ٽن غذائي شيون ۽ 77 لک 54 ??زا?? 290 دوائون ورهايون ويون ??هن. 300 کان وڌيڪ ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون ??هن جن ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 26 ??زا?? 365 مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ۽ 3 کان 5 ڏينهن جون مفت دوائون فراهم ڪيون ويون ??هن. پاڪستان نيوي 04 فلڊ ريليف سينٽرز، 18 ڪليڪشن ??وائنٽس قائم ڪيا. 16 ??زا?? 31 ماڻهن لاءِ 09 ٽينٽ سٽيز قائم ڪيون ويون ??هن. مختلف ضلعن ۾ 1462 ٽن راشن، 4896 ٽينٽ ۽ 6 لک 20 ??زا?? 777 ليٽر منرل/ مٺو پاڻي ورهايو ويو. پاڪستان نيوي جي 23 ايمرجنسي رسپانس ٽيمن 54 موٽر بوٽس ۽ 2 هوور ڪرافٽس سان 10 ضلعن ۾ ڦاٿل 15 ??زا?? 174 ماڻهن کي بچايو. ??اڪ بحريا سنڌ ۾ 02 هيليڪاپٽر مخصوص ڪيا آهن. هن وقت تائين 59 اڏامن ۾ 471 ڀيرا ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تائين پهچايو ويو. 4631 پيڪيٽ راشن ??رهايو. پاڪستان بحريا جي 8 ڊائيونگ ٽيمن سڄي پاڪستان ۾ 27 ڊائيونگ آپريشنز پڻ ڪيا آهن. ??اڪ بحريا 63 ميڊيڪل ڪيمپن 53 ??زا?? 853 مريضن جو علاج ڪيو. ??اڪ بحريا مختلف اڏامن ذريعي 4848 ريليف ڪيمپ، 20 ٽينٽ سٽيز ۽ 45 ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ??ن ۾ هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ 55 ??زا?? 389 مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ گڏيل عرب امارتن، ترڪيه، چين، ازبڪستان، قطر، فرانس، يونيسيف، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايچ سي آر)، ترڪمانستان، اردن، خوراڪ جي عالمي اداري، آمريڪا، نيپال ۽ سعودي عرب مان اڏامون ??مدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون ??هن.