اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر اين ايف آر سي سي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ فورم کي تازي ??ورتحال ۽ ٻوڏ سبب ا??ساني جانين، چوپائي مال ۽ انفراسٽرڪچر تي پوندڙ اثرن بابت تفصلي بريفنگ ڏني وئي. نيشنل ڪوآرڊينيٽر فورم کي سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي پنهنجي تازي ??وري ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي فضائي جائزي ??ميت اهم معاملن بابت آگاهه ڪيو. فورم ان ڳالهه تي ??تفاق ڪيو ته تازي ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان ماضي جي قدرتي ??فتن جي نقصانن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهن. تازين برساتن سبب سنڌ، بلوچستان، پنجاب جا علائقا شديد متاثر ٿيا. فورم کي ٻڌايو ويو ته 33 ملين ماڻهو متاثر آهن جن ۾ 16 ملين ٻار شامل آهن، سندن زندگي بچائڻ لاءِ فوري مدد جي شديد ضرورت آهي. برساتن ۽ ٻوڏ سبب 1500 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جن ۾ 500 کان وڌيڪ ٻار پڻ شامل آهن. فورم کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته متاثر ماڻهن جي کاڌي ت?? پڻ خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي خاص طور تي ٻارن جي خوراڪ ۽ ڳورهارين عورتن لاءِ سپليمنٽري خوراڪ ڇو جو غذائيت جي کوٽ سبب صحت جي مسئلن جو خطرو آهي. فورم کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيل بيماريون ڦهلجڻ جو وڏو خطرو آهي. فورم هدايت ڏني ته بيماريون ڦهلجڻ تي ??ابطو آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻا پوندا. فورم جنگي بنيادن تي گڏيل سروي ڪرن جي ضرورت تي ??ور ڏنو ته جيئن نقصان جو واضح اندازو لڳائي سگهجي ۽ سياري جي شروعات کان اڳ قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي. فورم هنگامي بنيادن تي ??نفراسٽرڪچر جي بحالي جي منصوبي جو پڻ جامع جائزو ورتو.