اسلام ??باد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن ک?? صحت جي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عملي قدمن ک?? يقيني ??ڻا??ي رهيا آهيون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ضلعن ۾ روزاني جي بنياد تي هيلٿ ڪئمپون لڳائي رهيا آهيون. هيلٿ ڪئمپون وفاقي ايمرجنسي آپريشن سينٽر پوليو صوبائي ايمرجنسي پوليو سينٽرز ۽ آغا خان جي سهڪار سان لڳائي رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ 44 جڏهن ته ڪي پي ڪي جي 8 ضلعن ۾ 16 هيلٿ ڪئمپس لڳايون ويون، اهڙيءَ طرح پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ 4، بلوچستان جي 7 ضلعن ۾ 13 ۽ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 11 هيلٿ ڪئمپون لڳايون ويون. مجموعي طو?? 5644 مريضن ک?? طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 5 سالن کان گهٽ عمر جي 1262 ٻارن ک?? طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته هيلٿ ڪئمپس ۾ 705 ٻارن ک?? پوليو جا ڦڙا پياريا ويا ۽ انهن ڪئمپن ۾ 222 ٻارن ک?? حفاظتي ٽُڪا پڻ لڳايا ويا.