اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دنيا تهذيب ۽ ترقي جي لاءِ خطري جو سبب بڻجندڙ ماحولياتي چئلينج جي شدت کي تسليم ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ايندڙ مهيني مصر ۾ منعقد ٿيندڙ ??ي او پي – 27 گول ميز ڪانفرنس جي گڏ??ل صدارت جي دعوت تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته دنيا اسان جي تهذيب ۽ ترقي لاءِ خطري جو سبب بڻجندڙ ماحولياتي چئلينج جي شدت کي تسليم ڪري رهي آهي، ماحولياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي.