اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ هاڻي ٻوڏ ۽ رسد جي رڪاوٽن جي روشني ۾ سماجي تحفظ، غذ??ئي سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي مدد جي سلسلي ۾ پاڪستان لاءِ 1.5 ارب ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏني آهي. اها ڳالهه ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي، ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس وڌ ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچرز (بريس) پروگرام تحت فراهم ڪيل مدد پاڪستان حڪومت طرفان يوڪرين بحران سميت پرڏيهي شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ 2.3 ارب ڊالرن جي پروگرام تي ع??لد??آمد ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته ڪووڊ 19 کان پاڪستان جي بحالي ۾ پرڏيهي جهٽڪن سبب رڪاوٽون پيدا ٿيون، وڌندڙ ڪاروباري ۽ ذاتي خرچ لکين پاڪستانين خاص طور غريب ۽ معاشي طور ڪمزور طبقن کي متاثر ڪيو، هن ٻڌايو ته ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ جو پروگرام حڪومت کي ??لن?? قيمتن جي اثرن ۽ غذئي عدم تحفظ ۾ واڌ، ڪاروباري سرگرمين ۾ سستي رويي ۽ اقتصادي طور ڪمزور گروهن جي آمدني کي گهٽ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سان مسئلن ۾ واڌ پڻ ٿي آهي، هن ٻڌايو ته ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ جي فنانسنگ سان حڪومت کي ترقياتي خرچن جي پڪيج کي لاڳو ڪرڻ لاءِ گهربل ??الي جاءِ فراهم ٿيندي، جيڪا پاڪستان جي غريب خاندانن لاءِ ڊزائين ڪئي وئي آهي.