شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ??ءِ ايم ايف جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪيو ويندو. اهڙن خيال جو اظهار هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيوا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم جي ساڻس ملاقات موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منعقد ڪوپ – 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪنداسين، آءِ ايم ايف جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۽ بحالي جي لاءِ بجيٽ ڪاٿن ۾ تبديلي آندي وئي آهي، ڪورونا ۽ عالمي ٻاڙائي کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال جا پاڪستان ??ي م??اش?? بحالي جي رفتار تي منفي اثر پيا آهن، عوام جي جان ??چائڻ ?? ٻوڏ متاثرين جي بحالي اولين ترجيح آهي. هن ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته ڪوپ 27 ڪانفرنس موسمياتي انصاف ڏيارڻ ۾ سن?? ميل ثابت ٿيندي.