شرم الشيخ – 16 نومبر(اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وز??ر احسن ا??بال چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ گهڻي تباهي ٿي آهي. ملڪيتن کي شديد نقصان پهتو، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. شرم الشيخ ۾ ڪاپ -27 اجلاس جي موقعي تي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي تباه ڪار??ن بابت بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ??وڏ سبب 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ۽ ڪيتريون قيمتي جانون ضائع ٿيون. وفاقي وز??ر احسن ا??بال وڌيڪ ٻڌايو ته ??تاثرن جي آباد ڪاري لاءِ رٿابندي ڪري ڇڏي آهي. اميد ڪريون ٿا ته عالمي برادري نئين تعمير ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي.