اسلام آباد– 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪوپ 27 ۾ عالمي فنڊ جو قيام ڌرتيءَ کي موسميا??ي تبديلين کان بچائڻ جو هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، ماحولياتي انصاف جو مطالعو عالمي سطح تي منظور ٿيڻ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. موسميا??ي تبديلين کان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي جو عالمي فنڊ قائم ٿيڻ پاڪستان جي موقف جي سوڀ آهي. اڱاري تي پنهنجي هڪ بيا?? ۾ ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان موقف کي دنيا تسليم ڪي??. وزيراعظم شهباز شريف اسرندڙ ملڪن تي موسميا??ي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن ۽ پاڪستا?? ۾ ??وڏ جي تباهه ڪارين کي عالمي ايجنڊا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي موقف عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪي??. ”ڊيميج اينڊ لاس فنڊ“ جي قيام سان پاڪستا?? ۾ ??وڏ متاثرين جي بحالي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتيرس اسرندڙ ملڪن جو محسن ثابت ٿيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ موسميا??ي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان جي ڪوششن عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي مڃرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪي??. سڀني عالمي اڳواڻ مبارڪن ۽ خراج تحسين جا مستحق آهن، جن ڌرتيءَ کي بچائڻ جي لاءِ فيصلائتو ۽ عملي قدم کنيو. اهو عالمي اتحاد موسميا??ي تبديلين جي اثرن جي مقابلي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.