اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تازي ٽ?? ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چي?? آهي ته چئلينجن جي باوجود قومي ٽيم ٽورنامينٽ جي دوران ليڊرشپ جو مظاهرو ڪيو ۽ ورل?? ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آرمي چي?? جنرل قمر جاويد باجوه، پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا، پاڪستان جي ليجنڊ ڪرڪيٽرز ۽ غيرملڪي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چي?? ته رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي باوجود اسان جي ٽيم ان عالمي ٽيمن جي خلاف سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جن کي ڪرڪيٽ جي اربين ڊالر جي معيشت سمجهيو وڃي ٿو. هن چي?? ته ٽيم جي رانديگرن جهڙي طرح راند هارائڻ جي باوجود هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي ڪئي، اها ذڪر جوڳي اه??، ٽيم جا اڪثر رانديگر جوان آهن ۽ اسان کي ا??يد آهي ته اهي ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ ڪيتريون ئي فتح ڏياريندا. صدر چي?? ته سڄي قوم پنهنجي ڪرڪيٽ جي ستارن جي شاندار ڪارڪردگي تي فخر ڪري ٿي. پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ هڪ انتهائي مقبول راند آهي ۽ ٽيم جي سٺي ڪارڪردگي سڀني پاڪستانين جي زندگين ۾ رنگ آڻي ٿي. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چي?? ته تنقيد جو واحد جواب فتح آهي ۽ ان کي سدائين پسند ڪيو وڃي ٿو. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چي?? ته اها قوم جي حمايت هئي جيڪا ايتري وڏ?? ٽورنامينٽ ۾ هنن جي طاقت بڻي.