اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي ??والدار محمد امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جي اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشت گردي ??ي بزدلاڻيون ڪاروائيون اسان جا حوصلا ختم نه ٿيون ڪري سگهن، ??هشت، وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهند??سي??. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون، ??ڄي قوم پنهنجي سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺي آهي.