اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙ??ڪا??ي جي بي پناهه موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن، پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي مارڪي?? آهي، جتي توانائي، انفراسٽرڪچر، اي ڪامرس، زرعي صنعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙ??ڪا??ي جي ل??ءِ انهن جا منتظر آهيون. خليج ٽائيمز کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 22 – 2021ع دوران 25.40 سيڪڙو جي اضافي سان گڏ 10 ارب 60 ڪروڙ ڊالر هو، جيتوڻيڪ ٻطرفي واپار جي اها سطح هاڻي به ٻنهي م??ڪن جي لاڳاپن جي صحيح عڪاس نه آهي، اسان پنهنجي م??جوده اقتصادي، واپاري ۽ سيڙ??ڪا??ي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي اقتصادي لاڳاپن کي بهترين سياسي لاڳاپن جي برابر آڻڻ جي ل??ءِ اقتصادي تعاون جا نوان رستا ڳولي رهيا آهيون. انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ فنانشل ٽيڪنالاجي شعبن ۾ تمام گهڻي صلاحيت سان گڏ تعاون جي گنجائش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي بحالي ل??ءِ گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ ان جي قيادت جي قدمن تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. گڏيل عرب امارات ۾ 17 لک پاڪستاني عزت ۽ احترام سان پنهنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ دوستي جو بنياد رکيو، ان جي خواهش هئي ته پاڪستان جو شمار سرگرم خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ٿئي، اسان ان جي درياهه دلي ۽ سخاوت کي وڏي عرصي تائين ياد رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ کانپوءِ ابوظهبي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسلام آباد ۽ سنڌ صوبي جي شهر ڪراچي، بدين، شڪارپور ۾ امدادي سامان جي پهچ جي ل??ءِ هڪ هوائي پل قائم ڪئي وئي. نومبر 2023ع ۾ گڏيل قومن جي م??سمياتي تبديلي ڪانفرنس سي او پي 28 جي م??زباني ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪاميابي جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پنهنجي م??سمياتي سفارتڪاري جي حصي طور پاڪستان عالمي سطح تي م??سمياتي تبديلي تي بحث، ڳالهين ۽ عمل ۾ تعميري تعاون جاري رکندو.