لاهور – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته د??يا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسان کي د??يا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ فيصلاسازي جي عمل کي تيز ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ رڳو 9 سيڪڙو ٻار انٽرميڊيئٽ کان هايئر ايجوڪيشن طرف وڃن ٿا جڏهن ته 2 ڪروڙ 20 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 70ج ي ڏهاڪي کان اعليٰ تعليم يافته طبقو پاڪستان کان ٻاهر وڃي رهيو آهي جيڪو فڪر جو لمحو آهي، د??يا آءِ ٽي جي حوالي سان اسان طرف ڏسي رهي آهي جڏهن ته اسان آءِ ٽي سيڪٽر ۾ گهربل انگ ۾ نوجوانن کي تربيت نه ڏئي رهيا آهيون، ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي حالت کي بدلائڻ ۽ ملڪ جي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ٿنڪ ٽينڪ کي فروغ ڏ??ڻو پوندو. هو گورنر هائوس لاهور ۾ يونيور??ٽي آف لاهور جي سوشل سائنس ڊپارٽمينٽ فيڪلٽي ميمبرن ۽ پي ايڇ ڊي اسٽوڊنٽس سان ملاقات ۾ خطاب ڪري رهيو هو. ريڪٽر يونيور??ٽي آف لاهور ??اڪٽر محمد اشرف ۽ هيڊ آف ٿنڪ ٽينڪ ڊاڪٽر رابعه اختر صدر کي يونيور??ٽي بابت بريفنگ ڏني. صدر چيو ته نئين نسل ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ استادن جو ڪردار تمام اهم آهي جيڪو آهستي آهستي قومن جا ڏينهن بدلائي ٿو، استاد ايندڙ نسلن کي قائل ڪن ٿا جنهن سان قومن جي زندگي ۾ انقلاب اچي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ نوجوانن جو تمام وڏو انگ موجود آهي، جنهن مان رڳو 9 سيڪڙو ٻار انٽرميڊيئٽ کان هايئر ايجوڪيشن طرف وڃن ٿا جڏهن ته 2 ڪروڙ 20 لک ٻار اڃا به اسڪولن کان ٻاهر آهن، د??يا آءِ ٽي جي حوالي سان اسان طرف ڏسي رهي آهي جڏهن ته اسان آءِ ٽي سيڪٽر ۾ گهربل انگ ۾ نوجوانن کي تربيت نه ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجون ڪمزوريون ختم ڪرڻو پونديون ته جيئن اسان د??يا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪري سگهون ۽ اسان جي بهتر طريقي سان شنوائي ٿئي. هن چيو ته اسان کي ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي حالت کي بدلائڻ جڏهن ته ملڪ جي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٿنڪ ٽينڪ کي فروغ ڏ??ڻو پوندو. صدر پي ايڇ ڊي شاگردن کي مخاطب ٿي چيو ته اسان جيڪا به ريسرچ ڪريون سڀني کان پهرين ڏسو ان جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو، ڇا پاڪستان ان مان فائدو کڻي سگهندو يا نه، پوءِ توهان جو ڪم ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر د??يا ۾ سڀ کان تيز ترين ترقي جي ٽرين آهي جنهن تي سوار ٿي وڃو ته تيزي سان ترقي ڪندا، ان سلسلي ۾ پاڪستان فيصلاسازي جي حوالي سان تمام ڪمزور آهي جنهن ۾ تيزي آڻڻي پوندي ڇو ته د??يا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، اسان کي د??يا سان گڏجي هلڻ جي لاءِ ۽ ترقي جي منزل طئي ڪرڻ جي لاءِ اوپينيئن ميڪر، فيصلاسازي ۽ پارليامينٽرين جي ڪردار کي اهميت ڏيڻي پوندي. بعد ۾ صدر کي يادگاري شيلڊ پڻ ڏني وئي.