اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ذيلي ادارن بابت 7 قانون غور هيٺ آهن، پيمرا ۽ صحافين سان ??اڳاپيل قانونن تي ڌرين جي مشاورت کانپوءِ ترميمن جي لاءِ ??نه?? قانونن کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏ??نه?? موڪليو ويندو. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين جويريه ظفر آهير ڪئي، اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران ??اڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)، پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) سان ??اڳاپيل قانونسازي مسودو، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي)، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سان ??اڳاپيل ترميمن تي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته 7 بلز غور هيٺ آهن ۽ وزارت ترميمن کانپوءِ ??نه?? کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏ??نه?? موڪليندي. هن چيو ته معزز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها ترميمون ڪرڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان ??شاورت ڪري. وزارت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت موجب لاڳاپيل ڌرين سان ??سلسل رابطو ڪري رهي آهي. هن واضح ڪيو ته وزارت صحافين جي تحفظ جي حوالي سان ??ڻ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان ڌرين سان ??شاورت جاري آهي. اطلاعات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ بابت ڪيسز کي هيومن رائيٽس ڊويزن کان انفارميشن ڊويزن ۾ منتقل ڪيو ويو هو جنهن هاڻي ??نه?? کي پارلياماني معاملن واري ڊويزن ڏ??نه?? منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس جي نمائندي صحافين ۽ ميڊيا جي پيشيواراڻي ماڻهن جي تحفظ بابت ڪيسن جي اڳڀرائي تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. هن بڌايو ته آءِ سي ٽي پوليس جي پيٽرولنگ اهلڪارن کي ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي رهائشگاهن جي سيڪيورٽي جي لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. هن اهو به ٻڌايو ته عدالت جي هدايت موجب هڪ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. ڪميٽي هدايت ڪئي ته گهرو وزير ايندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي کي صحافين جي تحفظ جي لاءِ وزارت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪري. بعد ۾ ڪميٽي پرائيويٽ ميمبرز بل، جنهن جو عنوان ??و ”دي انڊيسنٽ ايڊورٽائيزمنٽ پرهيبيشن (ترميمي) بل 2022ع“ (موجوده ايم اين اي محمد جمال الدين) کي ٻي قانونسازي سان گڏ ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ان تي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪرن عمران ڊار، زيب جعفر (وڊيو لنڪ ذريعي)، ذوالفقار علي ڀان، ناز بلوچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز نصير بلوچ، ناصر خان ??وسيٰ زئي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، قانون ۽ انصاف واري وزارت، گهرو وزارت، آءِ سي پي پوليس، پيمرا، پي آئي ڊي، پي بي سي ۽ اي پي پي جا عملدار شريڪ هئا.