اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ج?? غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي س??گين ?? منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي س??اسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته گذريل هفتي سرينگر ۾ ڀارتي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آئي اي) سينيئر صحافي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن عرفان معراج کي گرفتار ڪيو، پاڪستان کي عرفان معراج ۽ خرم پرويز سميت درجنين ڪشميري صحافين ?? انساني حقن جي محافظن جي حفاظت ۽ خيريت بابت ڳڻتي آهي جيڪي ڀارت ج?? غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت ج?? جيلن ۾ قيد آهن. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو صحافين ?? انساني حقن جي محافظن کي دٻائڻ ۽ والاريل علائقي ۾ راءِ جي اظهار ۽ اجتماع جي آزادي کي س??ب ڪرڻ جي پاليسي ختم ڪري.