اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شاگردن تي زور ڏنو آهي ته اهي معاش??ي جي به??ري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. فضائيه ميڊيڪل ڪاليج جي ٻئي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ڪاليج مان فارغ ٿيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا کي هن وقت موسمياتي تبديليون درپيش آهن، پاڪستان موزي ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو به??ر طريقي سان ڪيو. سدائين ڪوشش رهي ته ميڊيڪل جي شعبي ۾ به??ري آندي وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا هن وقت ڪي??رن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي به??ري طرف گامزن آهي. موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن تي پوري دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. دنيا جو مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪندڙ ملڪ ترقي ڪندا. اسان جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته ملڪ ۾ طب جي شعبي کي به??ر بڻايو وڃي. هن فضائيه ميڊيڪل ڪاليج ۾ پاس ٿيندڙ سمورن گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته شاگرد پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي ڪ??هن به نه وسارين. پرڏيهي وزير چيو ته پاس ٿيندڙ نوجوان ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته هر مشڪل توهان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. هن ان موقعي تي ميڊيڪل جي شاگردن کي سنڌ جي اسپتالن جي دو??ي جي پڻ دعوت ڏني.