اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي چونڊن ۾ ڪاميابي ت?? مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ت?? صدر جي متحرڪ قيادت ۾ پ??ڪ – ترڪيه لاڳاپن کي فروغ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ چيو ??ه پنهنجي ويجهي دوست ۽ ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان کي ترڪيه جي صدارتي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابي ت?? مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ??ه رجب اردوان جي فتح عوام جي ان تي ڪيل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي، ترڪيه اسان جو تمام ويجهو دوست آهي جنهن سان اسان جا صدين کان ڀائراڻا لاڳاپا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه پاڪستان ۽ ترڪيه مشڪل وقتن جا پراڻا ساٿي آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. صدر چيو ??ه مون کي يقين آهي ت?? رجب طيب اردوان جي متحرڪ قيادت ۾ پ??ڪ – ترڪيه لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. صدر اميد ظاهر ڪئي ت?? اسان صدر رجب طيب اردوان سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ گڏيل د??چسپي جي سمورن شعبن ۾ ترڪيه سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا منتظر آهيون.