ڪراچي – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ت?? موسمي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ هن ڀيري ??پ??يل کان ئي برساتون شروع ٿي ويون آهن، امير ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي بحران جو خميازو غريب قومون ڀوڳڻ تي مجبور آهن. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ??يان موجب بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هن وقت بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن جي ندي نالن ۾ ٻوڏ واري ??ورتحال آهي، گذ??يل چوماسي دوران ٿيندڙ رڪارڊ برساتن جي متاثرين جو اڄ به هڪ وڏو انگ مدد جي لاءِ منتظر آهي. هن چيو ته گذ??يل غيرمعمولي ??رساتن دوران ٻڏي ويندڙ لکين گهرن ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر بحالي ??و ڪم اڃا به مڪمل ناهي ٿيو. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته اين ڊي ايم اي سميت سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ عملدار برساتن جي ڏس ۾ هر وقت چوڪس رهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ت?? اهي برساتن دوران احتياطي تدبيرون اختيار ??ن ۽ سفر ڪرڻ کان به پاسو ڪن. هن دعا ڪئي ت?? الله تعاليٰ پاڪستان کي هر مصيبت کان بچائي. بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪنن جي لاءِ پڻ هدايت جاري ڪندي چيو ته جيالا پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ امدادي ڪمن جي حوالي ??ان انتظاميا سان رابطي ۾ رهن. هن بلوچستان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برساتن دوران حادثن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس ۽ انهن حادثن ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن سان دلي ??عزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي.